ميرپورخاص: (جمعو: 07 اپريل 2023ع) ميرپورخاص سينٽرل جيل ۾ فوت ٿيل قيدي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري، جسم جي مختلف حصن تي وحشياڻي تشدد سميت ڪن جو پردو ۽ پيٽ اندر رت جي رڳ ڦاٽي پوڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ميرپورخاص سينٽرل جيل ۾ ڪسٽڊي ٿيل قيدي چنيسر کوسي جي مارجي وڃڻ کانپوءِ سول اسپتال ميرپورخاص ۾ قيدي جي ڪيل پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ سامھون اچي وئي آھي، جنھن ۾ قيدي تي تشدد جي تصديق ڪئي وئي آھي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته قيدي جي جسم تي ظاھري تور تشدد جا 12 نشان موجود ھئا، جيڪي سندس ٻنھي ٻانھن، ٻنھي ٽنگن يا ڄنگھن، پيٽ، ڇاتي سميت ويھڻ واري جاءِ تي ظاھري طور نظر اچي رھيا ھئا.
پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته تشدد سبب قيدي جي کاٻي ڪن جو پردو پڻ ڦاٽل ھو ۽ سندس پيٽ اندر موجود رت جي ھڪ رڳ پڻ ڦاٽي وئي ھئي.
ٻئي طرف قيدي جي جسم جي ٻين اندروني حصن ۾ موجود ٿيل نقصان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ جزا ڪيميڪل رپورٽ لاءِ لمس ليبارٽري ڄامشورو موڪليا ويا آھن.
ھوڏانھن جيل اندر قيدي جي فوت ٿيڻ کان پوءِ وارثن پاران ھنيل ڌرڻي بعد ايس ايس پي ميرپورخاص جي حڪم تي رڳو ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي ايس ايڇ او حق نواز جوڻيجي کي معطل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته جيل عملدارن خلاف ڪنھن به قسم جي ڪابه ڪارروائي عمل ۾ ناھي آئي.
ھوڏانھن ميرپورخاص جي سول سوسائٽي طرفان مطالبو ڪيو ويو آھي ته جيل اندر سرڪاري ڊاڪٽر موجود ھئڻ باوجود قيدي تي ھيڏي تشدد بعد سندس خاموشي پڻ سواليا نشان بڻيل آھي، جڏھن ته جيل اندر قيدين تي تشدد ڪرڻ ۽ رشوت وٺڻ جي حوالي سان ٻن سپاھين توڙي ملوث ٻين عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.