لاڙڪاڻو: (جمعو: 07 اپريل 2023ع) لاڙڪاڻي واسين کي فيبسڪ جي دوستي ڳچي ۾ پئجي وئي
جڏهن ته دوستن جي دعوت تي ويل لاڙڪاڻي جي وليد پاڙي جي رهواسين کي ڌاڙيل اغوا ڪري ورتو آهي ۽ مغوين مٿان تشدد ڪرڻ جي وڊيو به ڌاڙيلن وائرل ڪري ڇڏي آهي. ڌاڙيلن مغوين جي وارثن کان سندن بازيابي لاءِ 25 لک روپيه ڀُنگ طلب ڪري ورتي آهي.
مغوي نوجوانن جي آزادي لاءِ وارثن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي ڌرڻو هنيو آهي.
ان موقعي تي اغوا ٿي ويل نوجوانن فرمان ميراڻي ۽ سعيد ڀٽي جي امڙ شاهده، ڀيڻ ناديه، ماسي ناهيد ۽ اغوا ٿي ويل نوجوان سعيد ڀٽي جو پيءُ ذوالفقار علي، ڀيڻ انيلا، ناني مرادان ۽ چيو ته اسان جا نوجوان گذريل مهيني 10 مارچ تي هرکجي فون تي اغوا ٿي ويا هئا، جنهن واقعي جو اطلاع حد جي وليد ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو، جنهن کان 12 مارچ تي ڌاڙيلن فون ڪري ٻڌايو ته اوهان جا ٻئي ڇوڪرا فرمان ميراڻي ۽ سعيد ڀٽي اسان وٽ ڪنڌڪوٽ واري ڪچي ۾ آهن، جن جي سر جي قيمت 25 لک رپيا ادا ڪندا ته هنن جي حياتي بچي ويندي. رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل ڪري ماري ڇڏينداسون.
هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي سهي سلامت بازياب ڪرايو وڃي.