اسلام آباد: (جمعو: 07 اپريل 2023ع) پاڪستان پيپلزپارٽي ڪور ڪميٽي اجلاس کانپوءِ پڌرائيءَ ۾ چيو آهي ته اقليتي ۽ آئين جي ابتڙ فيصلا برداشت جوڳا ناهن، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي.
پيپلزپارٽي ڪور ڪميٽي جو اجلاس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري گڏيل طور ڪئي.
پڌرائيءَ موجب موجوده بحران جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، اقليتي فيصلي جو اخلاقي ۽ سياسي طور ڪو جواز ناهي ۽ ان تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، عدليا کي ساک کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، ضروري آهي ته تضادي فيصلن جي مسئلي کي فوري طور حل ڪيو وڃي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي پ پ ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته آزاداڻي ۽ منصفاڻي عام چونڊن لاءِ سڀني اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرايون وڃن، جيئن آئين ۾ چيو ويو آهي