25

وياجين جي ظلمن کان بچايو ڳوٺ گل سھتو جي رھواسين جو وياجين خلاف احتجاجي مظاھرو وياجين کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ڳوٺاڻن جو انتظاميہ کان مطالبو

مٽياري | رپورٽ | اعجاز ٻگھيو 6-4-2023 مٽياري ضلعي جي ڳوٺ گل سھتو جي رھواسين رجب سھتو رسول بخش سھتو عبدالستار ڪلھوڙو دوست علي سھتو خادم ڪلھوڙو فريد ڪلھوڙو ظھير سھتو فقيرمحمد سھتو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو تہ ڳوٺ گل سھتو ۽ ڀرپاسي ۾ وياجين تر تپائي ڇڏيو آھي ڪيترائي ڳوٺاڻا وياجين جي ظلم جو شڪار آھن علائقي جا مشھور وياجي ۽ انھن جا ساٿاري مختلف طريقن سان غريب اٻوجھ ماڻھن کي پنھنجي ڄار ۾ ڦاسائين ٿا ۽ وياج تي ماڻھن کي قرض ڏين ٿا جنھن سبب ڪيترائي نوجوان علائقي واسي ھنن جي ظلم جو شڪار ٿي چڪا آھن ۽ ھو پنھنجون زمينون جائداد گھر پلاٽ مال ملڪيت سڀ ڪجھ وياجين کي ڏئي چڪا آھن پر ھنن وياجين جي قرض مان ڪنھن جي جان نه ٿي ڇٽي ھتان جي رھواسين وزيراعلي سنڌ آئي جي سنڌ پوليس ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي مٽياري سميت وس وارن کان گھر ڪئي آھي تہ ھنن وياجين خلاف ڪاروائي ڪري کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ۽ اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي:

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں