24

زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي استادن جي تنظيم سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئشن (سائوٽا) پاران پوريون پگهارون نہ ڏيڻ، پروموشن لاءِ بورڊ نہ ويھارڻ، ليو انڪيشمينٽ نہ ڏيڻ، نيون ڀرتيون نہ ڪرڻ، يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ چورين، ٽيليفون الائونس نہ ڏيڻ سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ٽئين ڏينهن بہ تدريسي ۽ تحقيقي عمل جو بائيڪاٽ ڪندي پريس ڪلب ٽنڊوڄام اڳيان احتجاج ڪيو

ٽنڊوڄام | رپورٽ| سرفراز شاھاڻي 6-4-2033 زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي استادن جي تنظيم سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئشن (سائوٽا) پاران پوريون پگهارون نہ ڏيڻ، پروموشن لاءِ بورڊ نہ ويھارڻ، ليو انڪيشمينٽ نه ڏيڻ، نيون ڀرتيون نه ڪرڻ، يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ چورين، ٽيليفون الائونس نہ ڏيڻ سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ٽئين ڏينهن بہ تدريسي ۽ تحقيقي عمل جو بائيڪاٽ ڪندي پريس ڪلب ٽنڊوڄام اڳيان سائوٽا صدر ڊاڪٽر فهد نظير کوسو، سيڪريٽري ڊاڪٽر خالد ٽالپر، امان الله تنيو، ڊاڪٽر سهيل اوٺو، ڊاڪٽر سعيد سومرو، ڊاڪٽر غلام مجتبٰی خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سائوٽا اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان پنھنجا جائز مطالبا نومبر 2022 تي وائيس چانسلر کي لکت ۾ پيش ڪيا ھئا، ايترو گھڻو وقت گذرڻ باوجود وائيس چانسلر جي عدم دلچسپي سبب مسئلا حل نہ پيا ٿين، هنن چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به مين ڪيمپس جي استادن کي پوري پگهار نه ڏني وئي آهي، جڏهن تہ سب ڪيمپس عمرڪوٽ جي استادن کي پگھار ئي نہ ڏني وئي آهي، اداري جي سيڪيورٽي جي نااهلي سبب يونيورسٽي سميت لاڳاپيل سب ڪيمپس ۽ ڪاليجن ۾ لکين رپين جو سامان چوري ٿي چڪو آهي، جيڪو اڃا تائين واپس ناهي ٿيو، ھنن وڌيڪ چيو تہ جڏهن استادن کي معاشي پريشانين ۾ مبتلا ڪيو ويندو تہ پوءِ اهو استاد پريشاني ۾ شاگردن کي ڇا پڙهائي سگھندو، اسان جي هلندڙ احتجاج جو يونيورسٽي انتظاميہ پاران ڪن لاٽار ڪرڻ سبب اڄ اسان مجبوريءَ ۾ پنھنجي دانھن کڻي پريس ڪلب تي پھتا آهيون، ھنن چتاء ڏيندي چيو تہ جيڪڏهن اسان جي مسئلن کي حل نہ ڪيو ويو تہ پوءِ مٿئين هفتي کان احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں