24

خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن لاءِ تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

پشاور: (خميس: 06 اپريل 2023ع) خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي لاءِ تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ ڪي پي ڪي جي گورنر کي ڌر بڻايو ويو آهي.
پي ٽي آءِ طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته گورنر ڪي پي ڪي پهرين مارچ جي عدالتي حڪم تي عمل نه پيو ڪري، گورنر ڪي پي ڪي ميڊيا تي 28 مئي جي تاريخ جو اعلان ڪيو پر بعد ۾ ان تان ڦري ويو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئين موجب 90 ڏينهن ۾ چونڊون ضروري آهن، ڪي پي ڪي جو گورنر عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪي پي ڪي جي گورنر کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو حڪم ڏئي، 90 ڏينهن دوران چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وڃي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته اليڪشن ڪميشن کي تاريخ ملندي ئي چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. سمورن ادارن کي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد جو حڪم ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں