28

آءِ ايم ايف معاهدو: اسحاق ڊار آمريڪا کان مدد گهري ورتي

اسلام آباد: (خميس: 06 اپريل 2023ع) سعودي عرب طرفان آءِ ايم ايف کي پاڪستان لاءِ 2 ارب ڊالر جي فنانسنگ کان پوءِ وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات کان پوءِ مدد گهري ورتي.
ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف معاهدي لاءِ آمريڪي سفير سان ڳالهيون ڪيون. هن ڊونلڊ بوم کي درخواست ڪئي ته هو آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.

ان موقعي تي اسحاق ڊار پاڪستان جي معاشي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جي حوالي سان اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو.
ملاقات دوران ناڻي واري وزير طرفان آمريڪي سفير ڊونلڊ بوم کي سعودي عرب سان 2 ارب ڊالر فنانسنگ تي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته متحده عرب امارات(يو اي اي) مان به فنانسنگ جي حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. آمريڪي سفير ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي آءِ ايم ايف سان معاهدو ۽ تعاون وڌائڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں