اسلام آباد: (اربع: 05 اپريل 2023ع) حڪومت چونڊن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي قومي اسيمبلي ۾ هڪ ٻيو ٺهراءُ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪومتي اتحادي جماعتن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اعليٰ قيادت شريڪ ٿي.
اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل هفتي اتحادين ۽ وڪيلن سان ويٺاسين، ڪابينا جون ٻه ميٽنگز ٿيون، ان کانسواءِ پارليامينٽ ۾ به گفتگو ٿي.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جهڙي ريت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اهو سڀني جي سامهون آهي، هڪ ٺهراءُ اڳ ئي پاس ٿي چڪو آهي ۽ هڪ ٻيو ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ٿيندو، ان حوالي سان قانون وارو وزير وڌيڪ ٻڌائيندو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ سان اهڙو ظلم اڳ ۾ ناهي ڏٺو، ٽي رڪني بئنچ فل ڪورٽ جي اپيل کي رد ڪيو، سياسي جماعتن کي ڌر نه بڻايو ويو ۽ درخواست رد ڪئي وئي، حڪومتي اتحاد کي هڪ ٺوس شڪل ۾ سامهون اچڻ گهرجي ته جيئن سڄي قوم کي خبر پئي ته آئين ۽ قانون سان سنگين مذاق ڪيو پيو وڃي.