27

وڏي وزير سچل سرمست جي سالياني عرس تقريبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ جو بنياد رکندڙ کي به انصاف نه ملي سگهيو: مراد علي شاهه

راڻيپور: (اربع: 05 اپريل 2023ع) حضرت سچل سرمست جو 202 عرس مبارڪ اڄ کان شروع وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ درازا شريف پهچي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جي سرڪاري تقريبن جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ چيو سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي مان ججز ئي مطمئن ناهن ته پوءِ عوام ڪيئن مطمئن ٿيندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو رکيو ان کي ئي انصاف نه مليو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد جو لقب ڏيڻ لاءِ آصف علي زرداري ريفرنس موڪليو اسان پريشر سبب لقب نه ڏئي سگهياسين.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، سچل سرمست وڏو شاعر ۽ صوفي بزرگ هو. هن انسانيت جي خدمت جو پرچار ڪيو. اڄ سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڀرڻ سان دل کي سڪون مليو آهي.

رمضان المبارڪ ۾ سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏنو آهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت في خاندان کي 2000 روپيا ڏئي رهيا آهيو آبادگارن کي في ايڪڙ 5000 ٻج جا ڏنا آهن اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس جي اهلڪارن کي جلد جديد هٿيار فراهم ڪيا ويندا جيئن ڏوهارين جو خاتمو اچي سگهي برسات سبب ڪيترائي خاندان بي گھر ٿيا آھن انھن جي گھر کي ٻيھر تعمير ڪرائڻ جو ڪم پوري سنڌ ۾ شروع ڪيو ويو آھي اسان ڪن مجبورن سبب درگاھ سچل سرمست تي نه اچي سگھيا آھيون ھاڻي ھڪ ٽيم موڪلي رھيا آھن جنھن ڪيترائي ميگا پراجيڪٽ ڏنا ويندا

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں