گمبٽ: (اربع: 05 اپريل 2023ع) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان نٿا مڃون ته ملڪ ۾ انصاف جو ڪو ادارو آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس گمبٽ ۾ پاڪستان جي پهرين ڦڦڙن جي ٽرانسپلانٽ يونٽ ۽ پهرين هيلٿ سٽي اينڊ ميڊيسن يونٽ جو افتتاح ڪيو.
پاڪستان جي پهرين ڦڦڙن جي ٽرانسپلانٽ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ اهڙيون سهولتون هجن جو اسان پنهنجون دوائون پاڻ ٺاهي سگهون. سڄي پاڪستان سان گڏ سڄي دنيا مان عوام مفت علاج لاءِ هتي اچي ٿو. سنڌ حڪومت ۽ گمس گڏجي ميڊيڪل سٽي ٺاهي ۽ اسان جي نوجوان ڊاڪٽرن ۽ نرس اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو پنجاب ۾ به ممڪن ناهي. صحت جي شعبي ۾ اسان سڄي پاڪستان جي اڳواڻي ڪري رهيا آهيون ۽ سڄي دنيا سان مقابلي لاءِ تيار آهيون.
پرڏيهي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جا ججز پنهنجا اختيار ساٿين کي شيئرز ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. آصف زرداري صدر هوندي به پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا.
بلاول ڀٽو چيو ته آصف زرداري سي پيڪ شروع ڪيو، ساڳين عدالتن قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهيو. هي ججز ليڪچر ڏيندا آهن ته ڪير ڪرپٽ آهي ۽ ڪير سيسلين مافيا آهي. اسان نٿا مڃون ته هن ملڪ ۾ ڪو انصاف جو ادارو آهي. ڀٽو جي ٽئين نسل انصاف گهري رهي آهي. اڄ تائين ڪنهن به جج شهيد ڀٽو جو ڪيس ناهي ٻڌو.
بلاول چيو ته سليڪٽيڊ راڄ ذريعي نااهل وزيراعظم کي مڙهيو ويو جنهن سبب اڄ معاشي بحران آهي. جڏهن هن کي مڙهيو ويو ته ڇا هي ججز انڌا هئا، ان وقت اوهان جو پاڻمرادو نوٽيس ڪٿي هو.؟ فريال ٽالپر کي جڏهن عيد جي رات جيل ۾ بند ڪيو ويو هو تڏهن سوموٽو نوٽيس ڇو نه ورتو ويو؟ جڏهن عمران خان بجيٽ پاس ڪرائڻ جي لاءِ آءِ ايس آءِ کي استعمال ڪندو هو ڇا اوهان انڌا هئا؟ تخت لاهور جو جهيڙو پاڪستان کي ٻوڙي ڇڏيندو.