بدين | رپورٽ | روشن دين ڪوريجو پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 يوم شهادت جي ورسي اڃ لنواري پلس پير نور الله قريشي جي ميزباني ۾ وڏي احترام سان ملهائي ويئي جنهن جي صدارت ضلع صدر حاجي محمد رمضان چانڊيو ڪئي ورسي پروگرام ۾ ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ايم پي اي الهبخش ٽالپر ايم پي اي تاج محمد ملاح ڏاڏا محمد هاليپوٽو ايڊوائيزر سي ايم سنڌ حاجي رسول بخش چانڊيو ميڊم تنزيلا قمبراڻي زين شاھ پير امجد صديقي رئيس ملازم حسين لغاري عبدالغفور نظاماڻي پير نور الله قريشي فدا حسین مينڌرو امير حسن کوسو عبدالغفور ميمڻ ڄام اصغر هاليپوٽو , پپوشاه قبول کٽياڻ ليديز اڳواڻ مير ساجدہ ٽالپر ياسمين شاھ حاجياڻي کوسو زاهداه پروين خاصخيلي سميت سوين ڪارڪنن ۽ عهديدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ٽئي دنيا جو اعظم اڳواڻ هو جنهن پاڪستان کي دنيا جي ترقي پذير ملڪ ۾ آتم بنايو ان جرم ۾ ضيا الحق عالمي سامراج سان ملي ڪري عدالت هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو اسان اڃ وچن ٿا ڪيون اسان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ جمهوريت لاءِ جهدو جهد جاري رکندا سين
