25

سينيئر سياستدان مولا بخش مشوري جي ٻي ورسي سادگي سان ملهائي وئي فقير عنايت هيسباڻي۔محرم چانڍيو۔غلام علي لغاري۔صوفي خدابخش لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي

مسوڀرڳڙي | رپورٽ۔| قلب لغاري 3-4-2023 مسوڀرڳڙي لڳ هٽڙي ۾ سينيئر سياستدان مولا بخش مشوري جي ٻي ورسي لانڊي رانجھو خان مشوري ۾ سادگي سان ملهائي وئي۔تفصيل موجب سينيئر سياستدان مولابخش مشوري جي ٻي ورسي ملهائي وئي ۽ قران خواني پڻ ٿي۔ مولابخش مشوري جي وڏي فرزند موجوده يوسي هٽڙي جي چئيرمين عبدالستار مشوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بابا مولابخش مشوري پنهنجي سڄي زندگي پيپلزپارٽي کي ارپي ڇڏي۔هن چيو ته پيپلز هاري ڪميٽي سنڌ جو صدر پڻ رهيو 1986 ۾ محترمہ شھيد بينظير ڀٽو سندس رهائشگاھ ھٽڙي ۾ هڪ وڏي جلسي ۾ آئي ۽ بابا جي محنت کي پڻ سارهايو ۔ ورسي جي موقعي تي قبر تي گلن جي چادر چاڙھي ۽ دعا کان پوء افطار ڪرايو ويو۔ان موقعي تي فقير عنايت هيسباڻي۔محرم چانڍيو۔غلام علي لغاري۔صوفي خدابخش لغاري۔ذوالفقار پلي۔زيب ٻرڙو۔فيض الرحمن کوسو۔اظھر ٽانوري ٻين شرڪت ڪئي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں