ڪراچي: (اڱارو: 04 اپريل 2023ع) سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاهه جو قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي جي موقعي تي پيغام ڏنو.
سيد سردار علي شاهه چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي، ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت کي حقيقي معنيٰ ۾ بحال ڪري عوام جي حڪمراني قائم ڪئي.
هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام ۽ پارليامينٽ کي طاقت ۽ فيصلا ڪرڻ جو مرڪز بڻايو.
سيد سردار علي شاهه چيو ته ڀٽو شهيد قوم کي فخر سان جيئڻ جو درس ڏنو.
ذوالفقار علي ڀٽو دنيا کي ٻڌايو ته هڪ ليڊر عزت سان موت کي قبول ڪري ٿو ۽ اصولن تي سمجهوتو نه ڪندو آهي.
سيد سردار علي شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي اڳواڻي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو مشن جاري آهي.
هن چيو ته آصف علي زرداري 18 هين آئيني ترميم ذريعي شهيد ڀٽو جو واعدو پورو ڪيو.
سيد سردار علي شاهه چيو ته شهيد ڀٽو متفقه آئين ڏنو، سندس ڪارنامو ملڪي سياسي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو