23

حڪومت جو ذوالفقار ڀٽو قتل واري ريفرنس جي جلد ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (اڱارو: 04 اپريل 2023ع) وفاقي سرڪار اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل بابت عدالت عدالتي ريفرنس جي جلد ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان ڪهڙي پاسي وڃي رهيا آهيون، جسٽس فائز عيسيٰ 3 رڪني بئنچ ۾ پاڻمرادي نوٽيس جي حوالي سان حڪم ڏنو ته پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي روڪي وڃي.

سندس چوڻ هو ته فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو ته پهريان فل ڪورٽ جوڙي وڃي ان کان پوءِ سو موٽو جا رولز ٺاهيا وڃن، اڄ جونيئر ججن هڪ ٻي ڇهه رڪني بئنچ جوڙي آهي، جنهن فائز عيسي جي بئنچ جي فيصلي ڪائي اهميت نه ڏني، قانون جي ٿورڙي به ڄاڻ رکڻ وارو سوال ڪندو ته جيڪڏهن ٽي رڪني بئنچ جي ڪا حيثيت نه هئي ته 6 رڪني بئنچ ڇو جوڙي وئي.

اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته ايڏي تڪڙ ۾ ڪيل فيصلي سان ڇا ملڪ ۾ استحڪام ايندو، ڇا اهڙي فيصلا قانون جي گهرجن موجب آهن، اهڙي قسم جا آئيني ۽ قانوني ڪيس صبر ۽ سڀني کي ويهاري ٻڌا ويندا آهن.
سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اڄ چار اپريل آهي ۽ ذوالفقار ڀٽو جي عدالتي قتل جو هڪ ريفرنس 12 سالن کان سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته حڪومت ان ريفرنس جي جلد ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ کي خط لکندي، شايد ان بهاني ئي اسان جي سموري سپريم ڪورٽ گڏ ويهي ڪري آئيني ۽ قانوني غلطيون سڌاري سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں