اوڏيرولال | رپورٽ | نتيش ملھوترا 4-4-2023 اوڏيرولال اسٽيشن شهر ۾ رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ وڌيڪ اگھ وٺندڙ منافعي خورواپارين ۽ دڪاندارن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عديل احمد سوهو ڪارروائي ڪندي منافعي خور دڪاندارن تي ڏنڍ وڌو ۽ وارننگ پڻ ڏني ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر جو ٻڌي شهر جي ڪيترن هي منافعي خور دڪاندارن دوڪان بند ڪري کسڪي ويا ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عديل احمد سوهو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ عوامي شڪايتن تي. منافعي خور دڪاندارن ۽ واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي آهي ۽ ڪري رهيا آهيون سنڌ حڪومت رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ عوام کي رليف ڏيڻ چاهي ٿي ڪنهن به دڪاندار يا واپاري سرڪاري ريٽ لسٽ تي عمل نہ ڪيو تہ سندن خلاف ڪارروائي ڪري کين جيل موڪليو ويندو ياد رھي تہ ٻہ ڏينھن اڳ سنڌيانہ نيوز نيٽ ورڪ تي اڏيرو لال اسٽيشن ۾ مھانگائي بابت خبر نشر ٿي ھئي جنھن تي اسسٽنٽ ڪمشنر دڪانن تي ڇاپا ھنيا
