30

لاهور: اڳوڻي ايس پي جي قتل ۾ ملوث 2 عورتن سميت 3 ڄڻا گرفتار

لاهور: (آچر: 02 اپريل 2023ع) سي آءِ اي پوليس اڳوڻي ايس پي چوڌري فرحت عباس جي قتل ۾ ملوث 2 عورتن سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري وتو آهي.
پوليس موجب مقتول چوڌري فرحت عباس کي پنهنجي ئي ڀاڀي پنهنجي ٻئي مڙس جي هٿان قتل ڪرايو. مقتول پنهنجي ڀاءُ ڪليم انور جي زال سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪليم انور جي زال شادي کان انڪار ڪيو ۽ هن سيڪيورٽي گارڊ عارف آفريدي سان شادي ڪري ورتي هئي.

جوابدار عورت پنهنجي ٻئي مڙس عارف آفريدي ذريعي پنهنجي ڏير چوڌري فرحت عباس کي قتل ڪرايو. فرحت عباس کي قتل ڪرڻ پوءِ جوابدار عارف فرار ٿي ويو هو.
سي آءِ اي پوليس جي ٽيم جوابدار عورت کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي ته هن ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو. سي آءِ اي اقبال ٽائون پوليس جي اسپيشل ٽيمن جوابدار عارف کي موبائل فون لوڪيشن جي مدد سان گرفتار ڪيو.
ايس ايس پي سي آءِ اي لياقت علي ملڪ ٻڌايو ته مقتول بيوه ڀاڀي کي ذاتي سيڪيورٽي گارڊ رکڻ کان منع ڪيو هو. جوابدار 2 هفتا اڳ مقتول جي گهر ويجهو هوٽل ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. جوابدار قتل ڪرڻ کان اڳ پنهنجو حليو تبديل ڪيو ۽ قتل کان پوءِ به هن پنهنجو حُليو تبديل ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں