28

سعودي شاهي اختيارين نوازشريف سان گڏ شهباز شريف کي به عمري لاءِ گهرائي ورتو

اسلام آباد: (آچر: 02 اپريل 2023ع) سعودي شاهي اختيارين نوازشريف سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف کي به عمري جي لاءِ گهرائي ورتو آهي.
ذريعن موجب نوازشريف رمضان المبارڪ جو آخري ڏهاڪو سعودي عرب ۾ گذاريندو. نوازشريف سعودي بادشاهه شاهه سلمان جي دعوت تي عمري لاءِ ويندو. پارٽي ذريعن موجب اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف سعودي عرب ۾ شاهي مهمان هوندو. شاهه سلمان جي دعوت تي نوازشريف ايندڙ هفتي سعودي عرب ويندو.

ذريعن موجب نوازشريف ۽ سندس گهر ڀاتي 11 اپريل تي خصوصي جهاز ۾ سعودي عرب روانا ٿيندا. اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف سعودي عرب ۾ شاهي مهمان هوندو. نوازشريف رمضان جو آخري ڏهاڪو مڪي ۽ مديني ۾ گذاريندو.
پارٽي ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف کي به سعودي شاهي اختيارين عمري جي لاءِ گهرايو آهي نوازشريف سان سندس ڌيءَ مريم نواز به گڏ هوندي. نوازشريف جي سعودي عرب واري دوري جي حتمي شيڊول جو اعلان ناهي ٿيو. ڪيترن ئي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ وزيرن به عمري جي لاءِ سعودي عرب روانو ٿيڻ جو پلان ٺاهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں