لاهور: (آچر: 02 اپريل 2023ع) پي ٽي آءِ جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان منهنجو ڪو رابطو نه آهي پر جيڪڏهن چونڊن واري معاملي تي هو ڪنهن سان به ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته حڪومت سان ڳالهيون مان نه منهنجي ٽيم ڪندي، هو حڪمرانن سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون ٿيون ته اِهي رڳو چونڊن واري نقطي تي هونديون پر هو پاڻ کي انهن ماڻهن سان ڳالهيون نه ڪندو جن کي هو چور ۽ ڪرپٽ چوندو رهيو آهي.
عمران خان چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته پوءِ جڏهن طاقتور فيصلو ڪندا تڏهن ئي چونڊون ٿينديون، اليڪشن ناهي ڪرائڻي ته پوءِ نيشنل ڊائيلاگ ڇا جو؟ اليڪشن نه ڪرائي آئين ۽ قانون جي توهين ڪئي پئي وڃي.
هن پي ڊي ايم طرفان سُپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جو فيصلو نه مڃڻ واري اعلان تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته هو ڪير ٿيندا آهن فيصلو نه مڃڻ وارا انهن جي حيثيت ڇا آهي؟، پي ٽي آءِ اعليٰ عدالت جو ڀرپور ساٿ ڏيندي، سُپريم ڪورٽ جو فيصلو نه مڃڻ جو مطلب پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون ختم ٿي ويو، ان جو مطلب مُلڪ ۾ جهنگ جو قانون اچي ويو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته سندس موجودا فوجي قيادت سان ڪو رابطو ناهي ٿيو جيڪڏهن چونڊن واري معاملي تي ڪير ڳالهائڻ چاهي ٿو ته هو ڪنهن سان به ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
عمران خان چيو ته سُپريم ڪورٽ ججن جي تازي ورهاست پٺيان نواز شريف جو هٿ آهي ۽ اِها سندس پراڻي روش آهي. هن پهريان به 1997ع ۾ سُپريم ڪورٽ کي ورهائي ڇڏيو هو.
سُپريم ڪورٽ اسان جي خلاف فيصلو ڏنو ۽ اليڪشن رد ڪري شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائي ڇڏيو، اسان ته اِهو فيصلو قبول ڪيو، پر تڏهن سُپريم ڪورٽ صحيح هئي، اڄ هو سوموٽو وٺي رهيا آهن ۽ کين لڳي ته اِهو سندن خلاف ويندو انڪري هو هاڻي سُپريم ڪورٽ کي تڪراري بڻائي رهيا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هاڻي به چونڊون نه ٿيون ته پوءِ آڪٽوبر ۾ به چونڊون ڪرائڻ جا امڪان گهٽ آهن.
عمران خان سيڪيورٽي ادارن تي الزام لڳايو ته هو سندن ڪارڪن اغوا ڪري مٿن تشدد ڪري رهيا آهن، اظهر مشواڻي کي ستن ڏينهن لاءِ اغوا ڪيو ويو، اسان کي خبر آهي ته ڪهڙي اينجسي کيس کنڀي وئي هئي ۽ اسان جي هڪڙي ڪارڪن کي ڪراچي مان کنڀيو ويو آهي.
هن چيو ته حقيقت ۾ هو ڊڄي ويا آهن ته هنن مون مٿان ميڊيا ۾ ته پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن اسان سوشل ميڊيا تي اچي ويا آهيون ته هو به سوشل ميڊيا تي اچي ويا آهن ته ڪيئن به ڪري مون کي بليڪ آئوٽ ڪيو وڃي.
عمران خان چيو ته سندس پارٽي تي جنرل باجوا جي دور کان وڌيڪ سختيون ڪيون پيون وڃن، جنرل باجوا اسان تي وڏا ظلم ڪيا، ڇاڪاڻ جو سندس ايجنسيون اسان جي پٺيان هيون، اميد هئي ته جنرل باجوا ويندو ته تبديلي ايندي پر ڪا به تبديلي ناهي آئي، ساڳيون پاليسيون آهن، ويتر انهن ۾ وڌيڪ شدت اچي رهي آهي.
هن چيو ته مونکي ڪا به خبر يا اندازو ناهي ته ان پٺيان ڪير آهي، پر مون کي ايتري ڄاڻ ضرور آهي ته اسان جي مٿان باجوا کان وڌيڪ تشدد شروع ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ 2018 وارين چونڊن ۾ اسان جي پارٽي جون سيٽون ڄاڻي واڻي گهٽايون هيون ته جيئن اسان تي ڪنٽرول ڪري سگهجي.
پي ٽي آءِ جي سربراهه هڪ ڀيرو وري اڳوڻي فوجي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ الزام مڙهيو ته هن سندس خلاف آمريڪا ۾ مهم هلائي.
عمران خان چيو ته جنرل باجوا ڏاڍو خراب ڪردار ادا ڪيو آهي، هن حسين حقاني کي هائر ڪيو هو، اسان جي حڪومت جي پئسن سان، هن منهنجي خلاف آمريڪا ۾ مهم هلائي.
هن چيو ته منهنجي حڪومت آرمي چيف جنرل رٽائرڊ باجوا ڪيرائي، آرمي چيف قانون تي قابض هيو کائنس ڪير پڇڻ وارو نه هو، هو سازش ڪندو رهيو، نيٺ ڪرپٽ ٽولي کي ساڻ ڪري ۽ آمريڪا منهنجي خلاف ڀڙڪائي منهنجي حڪومت ڪيرائي ڇڏيائين