25

ڪجهه جج عمران خان کي رليف ڏيڻ چاهين ٿا، بئنچ تي اعتماد ناهي: فضل الرحمان

لاهور: (ڇنڇر: 01 اپريل 2023ع) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪجهه جج عمران خان کي رليف ڏيڻ چاهين ٿا.
حڪومتي اتحادين جي اهم اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان کي هن عدالت تي ڪو اعتماد ناهي، اخلاقي طور چيف جسٽس ۽ ٻين ٻن ججن کي هن ڪيس کان ڌار ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته عمران خان ادارا ورهائڻ چاهي ٿو، ڌانڌلي جا ٻه وڏا ڏوهي ڦري رهيا آهن، انهن خلاف پاڻمرادو نوٽيس نه پيو ورتو وڃي.
سندس چوڻ هو ته پي ڊي ايم کي 3 ججن تي ٻڌل بئنچ تي اعتماد ناهي، ان بئنچ ۾ هڪ جج اهڙو به آهي، جنهن اڳ ۾ ٻڌڻي کان معذرت ڪئي، پوءِ واپس اچي ويهي رهيو، اسان جي نظر ۾ اها بئنچ واضح طور تي ڌر جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
فضل الرحمان چيو ته ملڪ کي هڪ رکڻ لاءِ چونڊون ضروري آهن، چيف جسٽس اسان کي نصيحت ڪري رهيو آهي ته گڏجي ويهو پر پاڻ پنهنجي ڪورٽ کي ورهائي ڇڏيو اٿائين

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں