30

پي ڊي ايم جو سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ جي بائيڪاٽ جو فيصلو

اسلام آباد: (ڇنڇر: 01 اپريل 2023ع) پي ڊي ايم اتحاد صوبائي چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ حڪومت ۾ شامل جماعتن جي قيادت جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪندڙ وزيراعظم شهباز شريف جو لنڊن ۾ نواز شريف سان رابطو ٿيو، جنهن دوران پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن جي تاريخ ۽ سپريم ڪورٽ جي صورتحال بابت مشاورت ڪئي وئي.
ذريعن موجب نوازشريف وڊيو لنڪ تي ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت ٻڌڻي هلائيندڙ 3 رڪني بينچ جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي، پي ڊي ايم ۾ شامل سموريون جماعتون 3 رڪني بينچ جو بائيڪاٽ ڪن.
نوازشريف چيو ته 3 رڪني بينچ ۾ ثاقب نثار زده ماڻهو شامل آهن، 3 رڪني بينچ مان انصاف جي ڪا به اميد نه آهي.
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ اجلاس کي سپريم ڪورٽ ۾ پيدا ٿيل صورتحال بابت بريفنگ ڏني.
اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته اٽارني جنرل عدالت آڏو پيش ٿي 3 رڪني بينچ جي بائيڪاٽ بابت آگاهه ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں