ڪراچي: (ڇنڇر: 01 اپريل 2023ع) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته سياسي پارٽين ۽ وڪلين جو مطالبو آهي ته فل ڪوڙ جوڙي وڃي، فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو جائز آهي، عمران خان ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ادارن کي هڪٻئي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، جيڪو جج ڪيس کان الڳ ٿي ويو، تنهن کي ٻيهر بئنچ ۾ شامل ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته چيف جسٽس چيو ته هڪ جج کي بئنچ ۾ انڪري ويهاريو ويو ته هو پيغام ڏيڻ چاهي پيو، سندس اهڙي رمارڪس تي مون کي حيرت ٿي، پيغام ڏيڻ ججن جو ڪم ناهي.
سعيد غني چيو ته افتخار چوڌري ۽ ثاقب نثار جهڙا چيف جسٽس رهيا جن عدالتي ساک کي نقصان پهچايو، حيرت ٿئي ته 9 ججن واري بئنچ ٽن ججن تي اچي پهتي آهي، ان سان عدليا ۽ عدالتي فيصلو وڌيڪ تڪراري هوندو، ساڳن ئي ججن جا مختلف فيصلا اچڻ ٺيڪ ناهي، جيڪو جج پاڻ کي ڪيس کان الڳ ڪري چڪو آهي ان کي ٻيهر بئنچ ۾ شامل ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته عمران خان ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ادارن کي هڪٻئي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪراچي جي 11 يونين ڪائونسلن تي ميئر جي چونڊ کانپوءِ ننڍي چونڊ ٿيڻ گهرجي.
سائيٽ ايريا فيڪٽري واقعي بابت سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۾ واپاري پاران زڪوات ورهائڻ لاءِ ننڍي جاءِ جي چونڊ ڪئي، انتظاميا، پوليس ۽ ٻين ادارن کي به آگاهه نه ڪيو، جيڪو به سرنديءَ وارو ماڻهو زڪوات ڏيڻ چاهي ٿو ته پنهنجي طريقي کان آگاهه ڪري.
سعيد غني چيو ته ڪراچيءَ ۾ غيرقانوني آبادين خلاف آپريشن ٿيندو آهي ته جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم وارا چوندا آهن آپريشن بند ڪريو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ جو مناسب طريقو اختيار ڪيو ته جيڪي آباديون ريگيولرائيز ڪيون پيون وڃن اهي ڪنهن به خانگي شخص جي زمين تي آباد ٿيل ناهن.
صوبائي وزير سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جا اعتراض اجايا آهن، پيپلزپارٽي عوام کي ڳوٺن جا مالڪاڻا حق ڏيندي، لياقت ساهي ۽ ساڻس گڏ آيل دوست پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪن پيا.