ھالا | رپورٽ | اعجاز ٻگھيو 31-3-2023 ڀٽ شاھ ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ زھريلو گدرو واپرائڻ سبب 5 ٻار بيھوش ٿي ويا جن کي ڀٽ شاھ رورل ھيلٿ سينٽر آنڊو ويو اسپتال ۾ ڊاڪٽر نہ ھجڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيا ويا جن مان ھڪ نينگر فوت ٿي ويو جنھن جو لاش وارثن ڀٽ شاھ رورل ھيلٿ سينٽر آڏو رکي احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي مظاھرين چيو تہ اسان جي 5 ٻارڙن زھريلو گدرو کائڻ سان بيھوش ٿي ويا جنھن مان 6 ورھين جو سھيل ولد عاشق علي بليدي جي طبعيت ناساز ٿي وئي جنھن کي ڀٽ شاھ اسپتال آندو ويو ھو اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جو عملو نہ ھجڻ ڪري ڪافي ٽائيم انتظار ڪري بيزار ٿي اسپتال جي موجوده ايم ايس سان رابطو ڪيو جنھن ٻڌايو تہ اسپتال ۾ 4 ڊاڪٽر بدلي ٿي چڪا آھن جنھن بعد وارثن بيوس لاچار ٿي معصوم ٻارڙن کي حيدرآباد منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو تہ بروقت علاج نہ ٿيڻ ڪري ھڪ معصوم سھيل جي حالت ڪنٽرول مان نڪري چڪي آھي ھنن چيو تہ ڀٽ شاھ اسپتال ۾ ڊاڪٽر جي غفلت جي ڪري معصوم ٻار فوت ٿيو آھي وڏي اسپتال آھي جنھن ۾ ڊاڪٽر نہ ھجڻ ڪري ڪافي جانيون ضايع ٿي رھيون آھن ايم ايس کي فوري طور ھٽائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي اسپتال جي ايم ايس سان وابطي ڪرڻ تي ٻڌايو تہ اسان مٿان الزام بي بنياد آھن اسان ننڍڙي جي وارثن کي حيدرآباد اسپتال کڻائي وڃڻ جو چيو ھو وارثن ليٽ ڪئي جنھن جي فوتگي حيدرآباد اسپتال ۾ ٿي وئي آھي
