ھالا | رپورٽ | اعجاز ٻگھيو 31-3-2023 يونيورسٽي آف صوفي ازم ائنڊ ماڊرن سائنس ڀٽ شاھ جي شاگردياڻي پنھنجي قابليت جي بنياد تي انعام ماڻيو شمائلا نالي شاگردياڻي پنھنجي قابليت ۽ علم جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائيندي حقيقت جو انعام 2023 حاصل ڪيو آھي شمائلا انفارميشن ائنڊ ڪمپيوٽر ڊپارٽمنٽ يونيورسٽي آف صوفي ازم ائنڊ ماڊرن سائنس ڀٽ شاھ جي آخري سال جي شاگردياڻي آھي جنھن ڊاڪٽر علي رضا رنگ جي رھنمائي ۾ ھڪ تحقيقي پراجيڪٽ ھيومن فالوئنگ رابوٽ جي عنوان سان تحقيقي مقالو جمع ڪيو ھو ان تحقيقي مقالو کي پرکڻ کان پوء ملڪ سطع تي مڃتا ملي آھي ۽ انعام سان پڻ نوازيو ويو آھي ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي وائيس چانسلر ويچار ونڊيندي چيو تہ اسان جي لاء انتھائي خوشي جي ڳالھ آھي تہ پٺتي پيل علائقن جون نياڻين تعليم جي ميدان ۾ اڳڀريون ٿيڻ جي جاکور ۾ آھن پاڻ شمائلا نالي شاگردياڻي جي قابليٿ تي اعتماد جو اظھار ڪندي چيو تہ يونيوسٽي آف صوفي ازم ائنڊ مادرن سائنس ڀٽ شاھ ۾ جديد تعليم سان گڏ انساني ڀائيچاري جي ڄاڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو وسيع دائرو غور ۽ فڪر جو عمل پڙھايو وڃي ٿو ان عمل سان انسان جي معاشري جي مثبت ۽ ڪارگر اوثر ٿيندي.
