اسلام آباد: (جمعو: 31 مارچ 2023ع) ناڻي واري وزارت مهانگائي بابت ماهوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌ جو امڪان آهي، عام واهپي جي شين جي گهرج ۽ پهچ ۾ فرق سبب مهانگائي وڌي رهي آهي، جڏهن ته تازو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سبب به مهانگائي وڌي.
رپورٽ موجب ٻوڏ جي اثرن سبب مهانگائي ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي پر مالي سال جي پڄاڻي تي مهانگائي گهٽجڻ جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو قابو ڪري ناڻي مٽاسٽا ذخيرن تي دٻاءُ گهٽ ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ موجب جولاءِ کان فيبروري تائين ناڻي جي پهچ ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، مالي سال جي 8 مهينن ۾ برآمدن ۾ 9.7 ۽ درآمدن ۾ 21 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، مالي سال جي 8 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 68 سيڪڙو گهٽ ٿيو ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 40.4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي