29

حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (جمعو: 31 مارچ 2023ع) حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه ايندڙ 15 ڏينهن برقرار رهندا، اگهه 15 اپريل تائين ساڳيا رهندا.

ياد رهي ته هن وقت في ليٽر پيٽرول جي قيمت 272 رپيا آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 293 رپيا في ليٽر آهي.
اسحاق ڊار چيو ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ به في ليٽر 10 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں