29

بجلي جي صارفين تي 3 رپيا 23 پئسا في يونٽ مقرر سرچارج لاڳو ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد: (جمعو: 31 مارچ 2023ع) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) مهانگائي سٽيل عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو.
نيپرا حڪومتي درخواست تي بجلي صارفين تي 335 ارب رپين جو وڌيڪ بار وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ پنهنجو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو.
نيپرا بجلي صارفين تي 3 رپيا 23 پئسا في يونٽ مستقل سرچارج لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن جي وصولي ايندڙ مالي سال کان ڪئي ويندي.

بجلي جي واڌو سرچارج گهريلو، صنعتي، ڪمرشل ۽ زرعي صارفين تي لاڳو ٿيندي، جڏهن ته اها ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي به لاڳو ٿيندي.
حڪومت هن سال جون تائين 3 رپيا 82 پئسا في يونٽ واڌو سرچارج وصول ڪندي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال 3 رپيا 23 پئسا في يونٽ سرچارج وصول ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں