قصور: (اربع: 29 مارچ 2023ع) مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جيڪو چوندو هو قانون سڀني لاءِ برابر آهي اهو اڄ قانون جو سڀ کان وڏو مفرور آهي.
قصور ۾ عوامي جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عدالتن جي پيشي جي حڪم باوجود هو ڄنگهه تي پلستر چاڙهي ويٺو رهيو، ڇتين جا پلستر به کلي ويندا آهن پر هن جي ڄنگهه جو پلستر نٿو کلي.
سندس موجب ڪڏهن چئي ٿو بيمار ته ڪڏهن بزرگ آهيان، زمان پارڪ مان پوليس تي پيٽرول بم هلايا ويا، وڏي معصوميت سان چئي ٿو ته منهنجي زال زمان پارڪ ۾ اڪيلي هئي، جيڪڏهن هوءَ اڪيلي هئي ته پيٽرول بم توهان جا جن اڇلائي رهيا هئا.