سکر: (اربع: 29 مارچ 2023ع) سکر پوليس ۽ پاڪستان رينجرز جي ڳجهي اطلاع تي سٽي بائي پاس لڳ گڏيل ڪارروائي اسلحي جي اسمگلنگ ناڪام ٻه جوابدار گرفتار وڏي تعداد ۾ اسلحو هٿ ڪيس داخل
سکر ۾ پوليس ۽ پاڪستان رينجرز پاران شھر جي سٽي باءِ پاس ويجهو ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري پشاور کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ کي روڪي تلاشي ورتي جنهن دوران ڪوچ جي ڳجهن خانن مان وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا.
پوليس ۽ رينجرز جي گڏيل ڪارروائي ۾ چار عدد رائفل, هڪ عدد اٺ ايم ايم رائفل, هڪ عدد ڪلاشنڪوف, اوڻيهه عدد نائين ايم ايم پسٽل, پنج عدد ٽيهه بور وارا پسٽل, هڪ هزار گوليون, اٺاويهه ميگزين هٿ ڪري ٻن ڄڻن مختيار ۽ خان پرويز کي گرفتار ڪري ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي