خيرپور | رپورٽ فهيم زيدي 30-3-2023 سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي خاص معاون پير سيد بچل شاھ سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه خيرپور پاران ڇٽي چوڪ تي قائم ڪيل رمضان بچت بازار پهچي اسٽالن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪبير محمد شاھ مختيارڪار عبدالحڪيم ڌاريجو، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن سيد ساجد حسين شاھ اسسٽنٽ مختيار ڪار شيراز ڦلپوٽو، سميت ٻيا عملدار موجود هئا. پير سيد بچل شاھ اسٽالن تي اٽي، کنڊ، گيھ، شربت سميت ٻين شين جو تفصيل سان جائزو ورتو ۽ مارڪيٽ جي اگهن سان ڀيٽايو.
