لاهور: (خميس: 30 مارچ 2023ع) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ جي پهرئين سرٽيفائيڊ آئين ٽوڙيندڙ جي واتان آئين جهڙي مقدس شئي جو نالو کڻڻ به مذاق آهي.
عمران خان جي بيان تي جواب ڏيندي مريم نواز چيو ڳالهه اها آهي ته جيڪا سازش توهان نون سهولتڪارن جي مدد سان تيار ڪئي هئي، اها پڪڙجي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته رياست ۽ ادارا توهان جهڙي دهشتگرد ۽ فتني جي حڪم تي نٿا هلي سگهن، هاڻ چپ ڪري ويهي رهو.
ياد رهي ته عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته اهي چونڊن کان ايتري حد تائين خوفزده ۽ پنهنجي سزا يافته ڏوهي اڳواڻن کي بچائڻ لاءِ ايتري قدر بيچين آهن جو دستور ۽ قانون جي حڪمران جي آخري علامت کي به مِٽائڻ لاءِ تيار آهن.