27

راڻيپور: اسپتال ۾ آپريشن دوران عورت فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت جا الزام

راڻيپور: (اربع: 29 مارچ 2023ع) راڻيپور لڳ گمبٽ گمس اسپتال ۾ 50 ورهين جي امام ڏني آپريشن دوران فوت ٿي وئي، جنهن بعد فوتي عورت جي وارثن راڻيپور قومي شاھراهه لڳ باب احمد شاهه گيٽ تي لاش رکي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاج ڪيو.
ان موقعي تي مظاهرين وساڻ برادري جي وڏيري غلام اصغر وساڻ، استاد دلمراد وساڻ ۽ ٻين چيو ته اسان وٽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ موجود آھي ۽ پتي جي آپريشن لاءِ اسان پنھنجو مريض کڻي ويا آھيون، جڏھن ته آپريشن دوران سيکڙاٽ ڊاڪٽر نشي جي انجيڪشن ھنين ۽ سرجري لاءِ ڊيوٽي ڊاڪٽرن جي جاءِ تي ڊسپينسر موجود ھئا، جنھن ڪري اسان جي عورت تڙپندي فوت ٿي وئي.

ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته گمس ڊاريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي، ڊاڪٽر در محمد قاضي، ڊاڪٽر مجاھد سوڍڙو ۽ طالب سومرو خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں