مٽياري |رپورٽ |سومار ڇٽو 25-3-2023 سنڌي ٻولي جي نوجوان ليکڪ محبوب سنڌي جي سالگرھ ۽ سندس تازي ڇپجي پڌرو ٿيل ناول “هيمون” جي مهورتي تقريب سنڌي ادبي سنگت مٽياري پاران گورنمينٽ اسلاميہ پرائمري اسڪول مٽياري ۾ ٿي گذري. تقريب جي صدارت سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جي سيڪريٽري محترمہ گلبدن جاويد مرزا ڪئي. جڏهن تہ مهمان خاص ناليوارو ليکڪ محترم ذالفقار ھاليپوٽو ۽ محبوب سنڌي هئا، اعزازي مهمانن ۾ سنڌي ادبي سنگت, سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري شبير سيال, سنڌي ادبي سنگت, سنڌ جو مرڪزي خزانچي اعظم ڀٽي, ناميارو ڪهاڻيڪار غلام نبي سومرو، ناميارو ليکڪ الطاف ملڪاڻي, ناليوارو ليکڪ غلام علي کوساڻي, شوڪت ميمڻ, فتح محمد ٿيٻو, امداد سولنگي, آغا جان آغا ۽ ٻيا هئا. تقريب ۾ حيدرآباد, مٽياري, ٽنڊو محمد خان, ڪوٽڙي, ڄامشورو, پليجاڻي سميت آسپاس جي اديبن, ۽ شاعرن خيال کتري, سيد امداد علي شاھ انو سولنگي, ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي, اعجاز علي جسڪاڻي, قاضي مقصود احمد, محمد اسلم ميمڻ, ذوالفقار علي هالار, سهراب ٻاٽي, رفيق احمد ميمڻ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي محبوب سنڌي جي سالگرھ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو, جڏهن ته محبوب سنڌي کي شهيد هيمون ڪالاڻي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.
Enter