32

حقيقي آزادي دفن ٿي چڪي، اڄ مينارِ پاڪستان ۾ جنازو پڙهايو ويندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: (ڇنڇر: 25 مارچ 2023ع) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فتني، فسادي ۽ دهشتگرد کان حقيقي آزادي ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آهي، مينار پاڪستان تي فارين فنڊنگ ۽ توشه خانه چوري تي به روشني وڌي وڃي، قوم کي ٻڌائي وڃي ته چار سال مهانگائي، بيروزگاري ۽ تباهي جي ڌٻڻ ۾ پاڪستان کي ڌڪيو ويو آهي، ملڪ کي ڦريو، جنهن تباهي ۽ ورهائڻ جي ڌٻڻ ۾ وڌو اهو ڪڍي نه ٿو سگهي، حقيقي آزادي جو نعرو دفن ٿي چڪو آهي، جنهن جو جنازو مينار پاڪستان تي پڙهيو ويندو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب اها حقيقي آزادي جيڪا جانور نيوٽرل، جنرل باجوا کي تاحيات ايڪسٽينشن کان ويندي شهباز شريف کان ٿيندي محسن نقوي ۽ آمريڪا کان معافين تائين پهتي.

سندس چوڻ هو ته اڄ حقيقي آزادي حقيقي طور تي دفن ٿي چڪي آهي، جنهن جو جنازو اڄ رات مينار پاڪستان ۾ پڙهايو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں