اڏيرو لال | رپورٽ | نتيش ملھوترا 24-3-2023 ھر سال جيان ھن سال بہ سنڌ جي بزرگ ھستي سيد صالح محمد شاھ جو ٽن ڏينھن وارو ميلو اڏيرو لال اسٽيشن ٻرسان پنھنجي پڄاڻي تي پھتو ميلي جي آخري ڏھاڙي تي ڀلن ڊڳن ۽ ڀلن گھوڙن جي ريس جا مقابلا ٿيا ڊڳن جي ريس ۾ سنڌ جي نالي وارن ڊڳن جي شوقينن محمد شريف زرداري ٻيڙو خان ميرجت اڪرم ٻٽي ء ڌڻي بخش ڪوري جا ڊڳا پھرين نمبر تي آيا ڪامياب ٿيندڙ ڊڳن جي شوقينن شريف زرداري ڌڻي بخش ڪوري اڪرم ٻٽي ٻيڙو خان ميرجت شريف مري سنڌيانہ ٽي سان پنھنجا ويچار ونڊيندي چيو ته ڊڳا ڌارڻ اسان جو خانداني شوق آھي اسان جي وڏڙن به شوق خاطر ٻلا ڊڳا ڌاريا ء ميلن ملاکڙن ۾ بہ حصو وٺندا رھيا ڊڳن جي شوقينن ٻڌايو ته ڊڳا ڌارڻ ء ريس ۾ ھلائڻ بہ سنڌ جي ثقافت آھي شريف زرداري ڌڻي بخش ڪوري اڪرم ٻٽي ٻيڙو خان ميرجت ٻڌايو تہ ڊڳن جي نسل کي ھن وقت صرف ڊڳن جا شوقين بچائي رھيا آھن سنڌ حڪومت ڊڳن جي نسل کي بچائڻ لاء ڪي بہ اپاءَ نہ پئي وٺي شريف زرداري ء ٻين ٻڌايو تہ ٻٽ شاھ سانوڻ فقير اڏيرو لال صالح شاھ جي ميلن کان سواء ٻين ميلن بہ اسان لکين روپيہ خرچ ڪري ہنھنجاڊڳا کڻي ويندا آھيون جڏھن تہ ڊڳن جي ريس جا سربراھ حاجي دلاور خان ڇٽو محمد اشرف ڇٽو ء رضوان ڇٽو ھئا ھوڏانھن گھوڙن جي ريس ۾ نصرالله سمون رمضان ورياھ وڏيرو پپو ڪيريو وڏيرو عبدالرحمان ڏيٿو جا گھوڙا پھرين نمبر تي آيا پپو ڪيريو رمضان ورياھ نصرالله سمون وڏيري عبدالرحمان ڏيٿو سنڌيانہ ٽي وي سان ڳالھائيندي چيو تہ گھوڙا ڌارڻ سنڌ جي ثقافت جو حصو آھن اسان سنڌ جي تقريبن سٻني ميلن ۾ پنھنجا ريس م ھلڻ ورا گھوڙا کڻي ويندا آھيون ء ھر ميلي ۾ اسان جو ھڪ لک تائين خرچ اچي ٿو ھنن جو چوڻ ھو ته ريس ۾ ھلڻ واري ھڪ گھوڙي تي روزانو اسان جو 2000 ھزار روپيه روزانو خرچ اچي ٿو گھوڙن جي شوقينن جو چوڻ ھو ته حڪومت طرفان ميلن ملاکڙن ۾ گھوڙن جي مالڪن کي ڪي بہ سھولتون نه پيون ڏنيون وڄن جيڪڏھن اسان جو گھوڙو بيمار ٿي پوي ٿو ته ان جي علاج لاء به اسان پرائيويٽ ڊاڪٽر کان علاج ڪرائيندا آھيون ھنن جو چوڻ ھو ته گھوڙن جي نسل کي ھن وقت سنڌ جا وڏيرا بچائي رھيا آھن
