33

ڪوٽڙي ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي پاران مبينا طور مدي خارج وئڪسين ڪيل 10 ڳئون مري ويون

ڪوٽڙي: (جمعو: 24 مارچ 2023ع) لائيو اسٽاڪ کاتي پاران مبينا طور مدي خارج ويڪسين ڪيل ڏهه ڳئون مري ويون، پنج ڍورن جي حالت نازڪ جيڪي مرڻيگ حالت ۾ تڙپي رهيا آهن.
جڏهن ته هي واقعو ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي مسلم ٽائون جي هڪبواڙي ۾ پيش آيو آهي، جنهن جي مالڪ ۽ پاڙي وارن تيوڻا برادري جي ماڻهن لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊاڪٽرن خلاف احتجاج پڻ ڪيو.

تاثر مالوندن دانهيندي چيو ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊاڪٽر اصغر ميمڻ بيمار ڍورن کي مدي خارج وئڪسين لڳائي، جنهن بعد هڪ ئي رات 10 ڳئون ۽ مينهون مري ويون.
مالوندن چيو ته اسان جو گذارو ئي چوپائي مال تي آهي، لائيو اسٽاڪ کاتو اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں