33

ميون ۽ ڀاڄين جا اگھ چوٽ چڙھي ويا، ڊي سي حيدرآباد ۽ اي سي تعلقہ حيدرآباد ٻهراڙي پاران ڪابہ بچت بازار نہ لڳائي وئي عوام مجبورن لٽجڻ لڳو

مسوڀرڳڙي | رپوٽ: |قلب لغاري 24-3-2023 تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن جن ۾ مسوڀرڳڙي , واڻڪي وسي , ھٽڙي , ناريجاڻي, طالب المولا ڪالوني , ٽنڊو سعيد خان, گيلو نوناري , صاحب خان چانڊيو , ملڪ پمپ , علي آباد , چئنل ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ھن رمضان ايندي ئي ميون ۽ ڀاڄين جا اگھ چوٽ چڙھي ويا منافي خور دڪاندارن موقعي جو فائدو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو ڊي سي حيدرآباد ۽ اي سي تعلقه حيدرآباد ٻهراڙي پاران ڪابہ بچت بازار نہ لڳائي وئي عوام مجبورن لٽجڻ لڳو رمضان کان اڳ جيڪا شيء 50 رپيه اگھ تي ملي پئي اھا ساڳي رمضان ۾ 100 روپين کان مٿي وڪامجڻ لڳي انتظاميه جو ڪو بہ پڇاڻو ۽ سزا ڏنڊ نہ ھجڻ سبب رهواسي ڦرجڻ لڳا ھر شيء جو اگھ ٻيڻو ٿي ويو , ھتان جي رهواسين نثار لغاري , امجد رند , ايڊوڪيٽ محب علي لغاري , شاھ محمد ڪلهوڙو , فريد علي لغاري , ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ هن ڀلاري مهيني ۾ وڌندڙ مهانگائي جو اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقہ حيدرآباد ٻھراڙيءَ ۽ ڊي سي حيدرآباد کي هڪدم نوٽيس وٺي تدارڪ ڪرڻ گهرجي ۽ هر دڪان تي اگھ جي لسٽ ھڻي جزا سزا جو عمل تيز ڪيو تہ جيئن غريب طبقي کي رليف ملي سگهي .

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں