اسلام آباد: (جمعو: 24 مارچ 2023ع) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي 5 ڪيسن ۾ ضمانت ۾ 27 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ٻڌڻي لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس انوار حسين تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ عمران خان جي حفاظتي ضمانتن جي درخواستن جي رجسٽرار آفيس جي اعتراضن سان ٻڌڻي ڪئي.
عمران خان اسلام آباد ۾ داخل ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت جي درخواست ڪئي، رجسٽرار آفيس اعتراض ڪيو ته عمران خان انهن ڪيسن ۾ اڳ ئي ضمانت وٺي چڪو آهي.
عمران خان جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اسان پيش ٿيڻ چاهيون ٿا، اسان جي بدنيتي ڪٿي به ناهي، سخت سيڪيورٽي خدشا آهن.