لاهور: (جمعو: 24 مارچ 2023ع) پاڪستان جي 100 کان وڌيڪ سول سوسائٽي جي تنظيمن پاران آل پارٽيز ڪانفرنس جو دعوت نامو لنڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف کي ڏنو ويو آهي، اهو دعوت نامو پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي صدر افضل بٽ جي قيادت ۾ ويل وفد پيش ڪيو.
وفد ۾ پاڪستان ڄائو برطانوي صحافي اظهر جاويد، ڪوثر ڪاظمي، شوڪت ڊار ۽ ماجد نذير به شامل هو.
سول سوسائٽي، وڪيلن، صحافين ۽ سياسي اڳواڻن سمورين سياسي جماعتن کي چونڊن جي لاءِ گڏيل فريم ورڪ لائين طئه ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين جي اپيل ڪئي آهي، جنهن جي لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ پارليامينٽ جي فورمن جي تجويز به ڏني وئي آهي. دي ميڊي ايٽرز جي درخواست تي پاڪستان بار ڪائونسل ان اي پي سي جي ميزباني ڪرڻ تي راضپو به ظاهر ڪيو آهي.
جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته 100 کان وڌيڪ سول سوسائٽي جي ننڍين تنظمين، سياسي جماعتن جي اڳواڻن، وڪيلن ۽ صحافين جي نمائندا تنظمين آئين ۽ جمهوريت ۽ وفاقيت سان پنهنجي اٽل وابستگي ۽ شفاف جمهوري عمل ۾ ڪامل يقين جو ارادو ڪندي شفاف، آزاد ۽ منصفاڻي چونڊ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي ۽ ان سان گڏ سياسي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جنهن سان ملڪي معيشيت جي بدحالي ۽ عوامي مشڪلات ۾ اضافو ٿئي ٿو.
دي ميڊي ايٽرز سياسي جماعتن ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جي حوالي سان اها ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ته اهڙي صورتحال ۾ حالتون سياسي جماعتن جي هٿن مان نڪري سگهن ٿيون ۽ ملڪ انارڪي جي ورچڙهي سگهي ٿو، جنهن سان پاڪستان جي مستقبل ۽ جمهوري تسلسل تي ان جا انتهائي خراب اثر پوندا، ان ڪري سول سوسائٽي سمورين سياسي جماعتن خاص طور تي پارلياماني جماعتن کي اپيل ڪري ٿي ته موجوده سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪري برداشت نه ڪرڻ جوڳو موقف اختيار ڪرڻ واري روش کي رد ڪري ماحول کي ٿڌو رکن ۽ قومي مفاد ۾ پاڻ ۾ ويهي چونڊن جي حوالي سان اختلاف گڏيل اتفاق راءِ سان حل ڪن، ته جيئن آئين جي بالادستي ۽ پرامن جمهوري تبديلي جو رستو نڪري سگهي، سمورين اڳواڻن سان فيئر پلي ۽ سمورين سياسي جماعتن جي لاءِ هڪجهڙي ميدان ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جو منعقد ٿيڻ ۽ عوام جي ووٽ جي ذريعي چونڊيل نمائندن جي آزاداڻي چونڊ سان ئي حقيقي نمائندن کي جمهوري حڪمراني جو مينڊيٽ ڏئي سگهجي ٿو.
سول سوسائٽي جي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته هو سياسي جماعتن ۾ معاملا بهتر ڪرڻ ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس جي منعقد ڪرڻ جي لاءِ غير رسمي ۽ غير جانبدار ٽياڪڙي ڪندڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار هوندي ۽ ان جي لاءِ پاڪستان بار ڪائونسل جي ذريعي سمورين سياسي جماعتن کي گڏيل مشاورت تي راضي ڪندي هڪ ميز تي آڻڻ جي لاءِ تيار هوندي.