35

رمضان المبارڪ ايندي ئي 26 عام واهپي جي شين جا اگهه وڌي ويا

اسلام آباد: (جمعو: 24 مارچ 2023ع) رمضان المبارڪ جي شروعات ٿيندي ئي مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو ۽ هڪ هفتي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 1.80 سيڪڙو جي وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
ڳڻپ کاتي ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب ملڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 46.65 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي هڪ هفتي ۾ 26 عام واهپي جي شين جا اگهه وڌيا، 13 شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي، جڏهن ته 13 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو.

انگن اکرن موجب گذريل هفتي دوران ٽماٽو 58 رپين مان وڌي 100 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو، 20 ڪلو اٽو 770 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2587 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته ماش جي دال 415 رپين مان وڌي 421 رپين جي ٿي وئي آهي.

ڳڻپ کاتي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گيهه، تازي کير، ڏهي، ٻاڪري گوشت، چانورن جي اگهن ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں