36

دادو: ڪاڇي جي علائقي قصبو مان اغوا ڄاڻايل عورت جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو

دادو: (جمعو: 24 مارچ 2023ع) دادو ۾ نڪاح مٿان نڪاح جو معاملو، ڪاڇي جي ڳوٺ قصبي مان اغوا ڄاڻيل ناري فضيلا لغاري پنھنجي مڙس ڊاڪٽر ستار جمالي سان گڏ پنھنجو وڊيو بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ھن پاڻ راض خوشي سان ڊاڪٽر عبدالستار جمالي سان شادي ڪئي آھي ۽ منھنجي نالي خبرون ھلايون ويون آھن ته مون کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو آھي، جيڪي خبرون بي بنياد آھن، آئون جيئري آھيان ۽ پنھنجي مڙس ڊاڪٽر عبدالستار جمالي سان گڏ آھيان.
جڏهن ته ناري فضيلان لغاري جي والد رانجهو لغاري ۽ مڙس منور لغاري پنهنجي ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته ڇوڪري کان زبردستي بيان ڏياريو ويو آهي، نڪاح مٿان نڪاح نٿو ٿئي، اسان جي ڇوڪري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ويو آهي، هاڻ زبردستي بيان ڏياريو ويو آهي، ان جي جان کي خطرو آهي، بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں