جوهي ,| رپورٽ | عنايت لاشاري 24-3-2023 جوهي جي ٻين ڳوٺن ۾ سنڌي سنگت آسٽريليا طرفان مليل 15 سلائي مشينون ورهاست ڪيون ويون سماجي تنظيم سنڌو_ڌارا وومين سينٽر ڄامشورو پاران دادو ضلعي جي ٻوڏ سٽيل يونين ڪائونسل ڪمال خان ۽ جوهي ۾ 8 سلائي مشينون غريب مستحق عورتن جي حوالي ڪيون ويون. تہ جيئن پنھنجي هنر سان پنھنجو روزگار ڪمائي سگھن. ۽ پنهنجو پيٽ جو گذر سفر ڪري سگهن ان موقعي تي اداري جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فرزانه ايري سنڌو_ڌارا وومين سينٽر ڄامشورو جو چوڻ هو ته اسان جو مقصد آهي ته ٿوري ڪوشش سان ڪنهن جي گهر جو چلھ ٻري ۽ هو پاڻ پنهنجو ڪاروبار ڪري پيسا ڪمائي ھن وڌيڪ چيو ته اسان جي اداري جي ڪوشش آهي ته اسان وڌ کان وڌ غريب ۽ ٻوڏ متاثر ٿيل عورتن جي مدد ڪيون ۽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لاءِ سگھ پيدا ڪيون ته جئي ايندڙ وقت ۾ هو پنهنجي مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگھين.
