ٽنڊوڄام | رپورٽ۔سرفراز شاھاڻي 21-3-2023 ڊائريڪٽوريٽ جنرل ٽريننگ اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ واٽر مئنيجمينٽ سنڌ حيدرآباد پاران واٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن ۽ آبادگارن کي سکيا لاءِ ٿيندڙ 5 ڏينھن جي ٽريننگ پروگرام جي چوٿين ٽريننگ جو اهتمام ڪيو ويو، چوٿين ٽريننگ جي پھرين ڏينھن ٽريننگ لاءِ ايندڙ آفيسرن کي ٽريننگ اينڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار ايگريڪلچر انجنيئرنگ اينڊ واٽر مئنيجمينٽ سنڌ جي متعلق ابتدائي ڄاڻ ۽ اداري طرفان سنڌ جي زرعي ترقي لاءِ ڪيل خدمتن متعلق اداري جي ڊائريڪٽر محمد ايوب بڙدي خطاب ڪندي چيو تہ هن اداري جو مقصد سنڌ ۾ زراعت لاءِ استعمال ٿيندڙ پاڻي جي زيان کي روڪڻ لاءِ آبادگارن جي زمينن ۾ موجود ڪچن واٽر ڪورسن کي پڪو ڪرڻ ۽ سنڌ جي ڪلراٺين زمينن ۾ فصلن جي بھتر پيداوار لاءِ حڪمت عملي جي ڄاڻ ڏيڻ آهي، هن ٽريننگ جو مقصد زراعت ۾ گھٽ پاڻيء تي جديد طريقن جي ڄاڻ ڏيڻ ۽ ڪلر وارين زمينن کي فصل لائق بنائڻ جي ڄاڻ ڏيڻ آهي تہ جيئن آبادگار جديد طريقن کي اپنائيندي بھتر اپت حاصل ڪري سگهن، جڏهن تہ ٽريننگ ۾ ايندڙ آفيسرن کي مھراڻ يونيورسٽي جي رٽائر پروفيسر شفيع محمد ڪوري، زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر منير احمد منڱريو، غلام سرور جيلاني، عامر بلوچ ۽ ٻين سکيا ڏني۔
