خيرپور | رپورٽ فهيم زيدي 21-3-2023 وزير اعظم پاڪستان پاران زرعي بينڪ پاڪستان جي سهڪار سان برسات ۽ ٻوڏ متاثر آبادگارن، هارين کي 23 ارب رپين کان وڌيڪ زرعي قرض جي فراهمي جي حوالي سان سچل آڊيٽوريم ۾ آگاهي سيمينار ميمبر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر نفيسه شاھ جي صدارت ۾ ٿيو. سيمينار ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر شرجيل نور چنا، چيف مينيجر اسٽيٽ بينڪ محمد اسماعيل، زونل چيف زرعي بينڪ نزاڪت علي اڄڻ، ريجنل منيجر سکر محمد جان ڪاڪڙ، اسٽيٽ بينڪ جي سينئر آفيسر توقير شاھ ، زرعي بينڪ سکر جي مينيجر معشوق علي ڀنڊ، خيرپور جي مينيجر ارشاد انڙ سميت ٻيا آفيسر موجود هئا. سيمينار ۾ ضلعي خيرپور جي سمورن آبادگارن، هارين، ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نفيسه شاھ چيو تہ گذريل برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ آمدني، ملڪيتون، زمين، گهر، مال مويشي، روڊ رستا تباھ ٿيا آهن ان سلسلي ۾ بحالي ۽ رليف بابت وزير اعظم پاڪستان پاران وڏو زرعي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي تہ جيئن آبادگارن، هارين، کي بغير وياج جي زرعي قرض جي فراهمي سان کين فائدو ٿي سگهي هن چيو تہ سنڌ حڪومت پاران آبادگارن لاءِ مختلف پيڪيجز جو اعلان ڪيو آهي اڄ جي سيمينار جو مقصد آبادگارن، هارين، کي وزير اعظم پاڪستان پاران اعلانيل زرعي قرض جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ آهي ۽ وياجين کان عوام کي ڇٽڪارو وٺرائڻ آهي.
