ااسلام آباد: (اڱارو: 21 مارچ 2023ع) اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي چالاڪ شخص قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ وڏي مهارت رکي ٿو ۽ ماڻهو ان تي يقين ٿا ڪن.
صحافي جي رپورٽ موجب اڳوڻي آرمي چيف ان سوال ته ڪراچي ۾ مريم نواز جي ڪمري جو دَر ڀڃڻ جو حڪم ڪنهن ڏنو هو؟ تي چيو ته بريگيڊيئر حبيب ان وقت سيڪٽر ڪمانڊر هو، جنرل فيض ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو پر هيٺين سطح تي ڪجهه وڌيڪ ٿي ويو، اسان ذميوار آفيسر کي هٽائي ڇڏيو هو.
اعظم سواتي ۽ شهباز گل کي اگهاڙو ڪرڻ جي الزام تي جنرل (ر) باجوا چيو ته منهنجو انهن واقعن سان ڪو واسطو ناهي، ڪڏهن ڪڏهن ايجنسين ۾ شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار بڻجڻ جي ڪوشش هوندي آهي، اهو سڀ هيٺين سطح تي ٿيندو آهي.
هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شيخ رشيد سان زندگي ۾ رڳو ٻه ڀيرا ملاقات ٿي آهي، شيخ رشيد چيو هو ته عمران خان کان حڪومت نه پئي هلي، جنرل صاحب ڪجهه ڪيو