29

عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش: نيب ۽ دهشتگردي ڪيسز ۾ حفاظتي ضمانت منظور

لاهور: (اڱارو: 21 مارچ 2023ع) تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي زمان پارڪ گهر تي پوليس آپريشن خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عمران خان جسٽس طارق سليم شيخ جي آڏو پيش ٿيو.
عمران خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو. ڀڃ ڊاهه ڪئي، ملڪيتن کي نقصان پهچايو. 18 مارچ تي زمان پارڪ آپريشن قانون جي ابتڙ ڪيو ويو. بنيادي حقن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 17 مارچ وارن حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. عدالت لاڳاپيل ڌرين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري.

ٻڌڻي دوران عمران خان روسٽرم تي اچي چيو ته منهنجي گهر جا شيشا ٽوڙيا ويا، منهنجي زال گهر ۾ هئي، اها پرديدار عورت آهي، ان جي رڙين جا آواز ڪيمرا ۾ موجود آهن، چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو. منهنجي 5 گارڊز کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ تشدد جو نشانو بنايو ويو. اڄ مان لِڪي عدالت ۾ پهتو آهيان ان گاڏي ۾ آيو آهيان جنهن کي ڪير به نٿو سڃاڻي، اڄ مان بنا ڪنهن قافلي جي پهتو آهيان.

ٻڌڻي دوران جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏنا ته ميڊيا تي ويهي جيڪي عدليه سان مذاق ڪري رهيا آهن انهن جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪندس. جيڪڏهن سمورين ڌرين عدليه جي عزت نه ڪئي ته پوءِ توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي. اسان قانون موجب ڪارروائي ڪندا آهيون ۽ اسان صرف قانون جي ڳالهه ڪندا آهيون. عدالت سرڪاري وڪيل کي زمان پارڪ آپريشن بابت هدايتون وٺي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي آءِ جي پنجاب سميت ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪئي وئي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں