27

سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ وڏي وزير اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي: (اڱارو: 21 مارچ 2023ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رمضان مهيني ۾ هٿرادو مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گذريل ڪابينا اجلاس جا منٽس منظور ڪيا ويا.
اجلاس دوران سيد مراد علي شاهه رمضان ۾ هٿرادو مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي هدايت ڏني ۽ چيو ته ضلعي انتظاميا پرائس چيڪ ڪري ۽ ان کي ڪنٽرول ڪري.
هن اميد ظاهر ڪئي ته واپاري رمضان جي مهيني ۾ اگهن کي ڪنٽرول ۾ رکندا.
سندس چوڻ هو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ غربت وڌي آهي پر رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ سرندي وارا غريبن جي مدد ڪن، سنڌ حڪومت به غريبن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں