23

سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ نئون سسٽم داخل، مينهن سان گڏ ڳڙي جو به امڪان

ڪراچي: (اڱارو: 21 مارچ 2023ع) سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن سان موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته نئون سسٽم داخل ٿيڻ سبب وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي مختلف حصن 21 کان 24 مارچ دوران برساتن جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب هڪ مضبوط اولهه لهر 21 مارچ کان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪا 22 مارچ تي ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اثرانداز ٿيندي.
نئين لهر دوران بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي ڪيترن ئي علائقن ۾ آنڌاري ۽ کنوڻ سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي.
ميٽ آفيس جي رپورٽ موجب خيبر پختونخواهه ۾ تيز برسات سان گڏ ڳڙو به پئجي سگهي ٿو، ان دوران ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ به تيز برسات ۽ ڳڙي جو امڪان آهي.
پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ به نئين سسٽم تحت 21 کان 24 مارچ دوران تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي ڳڙي جو امڪان آهي.
ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به 21 کان 23 مارچ دوران آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان ڪٿي برسات ته ڪٿي ڳڙي جو امڪان آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں