اسلام آباد: (اڱارو: 21 مارچ 2023ع) عالمي مالياري اداري(آءِ ايم ايف) چيو آهي ته حڪومت گهٽ آمدني وارن جي لاءِ پيٽرول تي سبسڊي بابت ڪابه مشاورت ناهي ڪئي.
بلوم برگ موجب پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پريز ٻڌايو ته پاڪستان جي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن جي حوالي سان موٽر سائيڪل ۽ گاڏين وارن بابت اسڪيم تي عالمي مالياتي فنڊ کان ڪوبه مشورو يا رابطو ناهي ڪيو.
ايسٽر پريز چيو ته آءِ ايم ايف اسٽاف ان حوالي سان تفصيل چاهي ٿو جنهن ۾ هن اسڪيم جا ٽرمز اينڊ ڪنڊيشن، لاگت، ٽارگيٽنگ، اسڪيم جو غلط استعمال ۽ ٻين قدمن بابت حڪومت سان انتهائي محتاط ٿي ڳالهيون ڪيون وڃن.
ياد رهي ته حڪومت پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن ۽ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي 800 سي سي کان گهٽ گاڏين وارن جي لاءِ پيٽرول بابت اسڪيم آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت موٽر سائيڪل وارن کي پيٽرول تي 100 روپين جي سبسڊي ڏني ويندي