پشاور: (سومر: 20 مارچ 2023ع) خيبر پختونخواهه جي تعلقي حويليان جو چيئرمين عاطف جدون راڪيٽ لانچر حملي ۾ 8 ساٿين سميت مارجي ويو.
پوليس موجب عاطف خان جدون جي گاڏي کي حويليان ڀرسان لنگرا ۾ نشانو بڻايو ويو ۽ سندس گاڏي تي راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته راڪيٽ لانچر حملي کانپوءِ گاڏي ۾ باهه لڳي وئي ۽ عاطف خان جدون سميت گاڏي ۾ موجود 8 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب واقعي پراڻي دشمني لڳي ٿو ۽ ان حوالي سان جاچ جاري آهي.
ياد رهي ته عاطف جدون آزاد حيثيت ۾ چونڊ کٽڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هو