33

شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي ڄامشورو سال 24-2023 جي داخلا پاليسي منظور ڪري ورتي

ڄامشورو: (سومر: 20 مارچ 2023ع) شهيد ﷲ بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري پاران سال 24-2023 جي داخلا پاليسي منظور ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو جي صدارت ۾ مختلف شعبن جي سربراهن، رجسٽرار ۽ انچارج ايڊميشن تي ٻڌل ايڊميشن ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي گذري.
گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جن اميدوارن گذريل 5 سالن ۾ انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪيو آهي اهي داخلا لاءِ اهل قرار ڏنا ويندا، مختلف شعبن ۾ داخلا لاءِ انٽرميڊيئيٽ جون مارڪون 45 سيڪڙو جڏهن ته آرڪيٽيڪچر ۾ داخلا لاءِ 50 سيڪڙو مارڪون ضروري هونديون.

ٽيسٽ دوران 60 سيڪڙو مارڪون ڊرائنگ ۽ 40 سيڪڙو سوالن جوابن تي هونديون، فارم فيس ٻه هزار هوندي جڏهن ته داخلا جو مرحلو آگسٽ کان شروع ڪيو ويندو.

گڏجاڻي ۾ پروفيسر علي عباس جعفري، پروفيسر شازيه ابڙو، پروفيسر محمد سليم جهتيال، پروفيسر راجڪمار، محمد سليمان ڀٽو ۽ ذوالقرنين ڀٽو شرڪت ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں